صدر جي ڀٽيون (ن پ ا) صدرجي ڀٽيون ويجهو بااثرن پاران ڀاءُ ۽ ڀيڻ تي مبينا تشدد ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ زخمي ثناءُ الله جو چوڻ هو ته ڳوٺ ارباب ڪلهوڙو ۾ بااثرن بيگناهه تشدد جو نشانو بڻايو، زخمي موجب بااثرن جي تشدد ۾ ڀيڻ جي نڪ جي هڏي ڀڄي پئي، جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو.