ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اسپيشل برانچ ۾ فرض سرانجام ڏيندڙ 15 انسپيڪٽرز، 19 سب انسپيڪٽرز ۽ 20 اي ايس آئيز سميت 193 اھلڪارن کي پنھنجي لاڳاپيل ريجنز ۾ واپس اماڻيو ويو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڄاڻايل آفيسرن ۽ اھلڪارن جون اسپيشل برانچز ۾ وڌيڪ خدمتون نه ٿيون کپن، سمورن اھلڪارن کي پنھنجي ريجنز ۾ رپورٽ ڪرايو ويو.