شھدادپور:پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري جو مڙس جي گهر مان ڦاهو کاڌل لاش هٿ

0
189
شھدادپور:پسند جو پرڻو ڪندڙ

شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور لڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري جو مڙس جي گهر مان مبينا ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو، وارثن واقعي کي خودڪشي قرار ڏئي ڇڏيو، ناري کي سِمس اسپتال آڻڻ تي ڊاڪٽرن موت جي تصديق ڪري ڇڏي آھي.

 ڳوٺ شاهد ٿهيم ۾ 2 سال اڳ پيار پرڻو ڪندڙ 20 ورهين جي ناري مسمات تسليم زال عصمت ٿهيم جو مڙس جي گهر مان مبينا ڦاهو کاڌل لاش مليو، وارث کيس فوري طور سِمس اسپتال کڻائي آيا، جتي ڊاڪٽرن موت جي تصديق ڪئي. حيدرآباد ۾ رهندڙ ناري جي ماءُ کي اطلاع ڪيو ويو جڏهن ته ٽنڊوآدم تعلقي ٿاڻي جي پوليس کي واقعي بابت آگاھ ڪيو ويو.

ناري جي وارثن جو چوڻ آھي تھ ناري حيدرآباد جي رهواسڻ سوها ذات سان تعلق رکي ٿي، 2 سال اڳ عصمت ٿهيم سان پسند جو پرڻو ڪيو هو، گذريل ڏينهن زال مڙس وچ ۾ گهرو اڻبڻت تان جهيڙو ٿيو هو، اڄ ڪمري ۾ وڃي ڦاهو کائي خودڪشي ڪئي آهي.