پنوعاقل: گذريل ڏينھن پراسرار نموني فوت ٿيل شخص جي وارثن جو ٻيھر لاش رکي ڌرڻو

0
314
پنوعاقل: گذريل ڏينھن پراسرار

پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل جي سانگي ٿاڻي جي حد ۾ گذريل ڏينهن پراسرار نموني فوت ٿيل اڌڙوٽ شخص عثمان تڙت جي وارثن جو ھڪ دفعو ٻيھر لاش رکي قومي شاهراهه تي ڌرڻو، فوتي عثمان تڙت جي وارثن طرفان سانگي قومي شاھراھ تي لاش رکي سانگي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، مظاھرين جو چوڻ ھو تھ سانگي پوليس اسانجي نوجوان کي گھلي گھلي ماريو آھي ھي اتفاقي موت ناھي.

مظاھرين موجب جيستائين ايس ايچ او سميت ٻين اھلڪارن تي ايف آئي آر داخل نه ٿيندي تيستائين لاش نه کڻنداسين، گذريل رات به فوتي جي وارثن طرفان لاش رکي قومي شاهراهه بند ڪيو ويو ھو، سب انسپيڪٽر جاويد عالم ابڙو جي خاطري تي ڌرڻو ختم ڪرايو ويو ھو. گذريل ڏينهن سانگي پوليس جوا اڏي تي ڇاپي جي دعويٰ ڪندي ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي ھئي ، سانگي پوليس موجب جوا جي اڏي تي ڇاپي کانپوءِ جڏھن ھو واپس آيا پئي ڪري کين اطلاع مليو ته ھڪ ڄڻو بيهوش پيو آھي پوليس وئي ته ھڪ ھمراہ بيھوش آھي جن کي اسپتال کڻائي پھتاسين جتي ڊاڪٽر فوت ٿيڻ وڃڻ تصديق ڪئي

سانگي پوليس فوتي عثمان تڙت جي موت اتفاقي موت قرار ڏيندي گرفتار ٿيل ٽن جوارين مٿان ايف آئي آر داخل ڪري ڇڏي ھئي.