جھول ڀرسان پسندجو پرڻو ڪندڙ ناري مبينا باھ لڳڻ سبب فوت، ڀيڻ کي قتل ڪيوويو آھي:غلام نبي ملوڪاڻي

0
154
جھول ڀرسان پسندجو پرڻو

جھول (ن پ ا) جھول ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڌڻي بخش ملوڪاڻي ۾ ٽي سال اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري باھ لڳڻ سبب فوت، ڀاءُ پاران قتل جو الزام ھنيو ويو آھي، اسان جي ڀيڻ کي قتل ڪيو ويو آهي غلام نبي ملوڪاڻي پوليس لاش تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، ڳوٺ ڌڻي بخش ملوڪاڻي ۾ ٽي سال اڳ نوجوان ناري ڪائنات ملوڪاڻي نوجوان امداد ملوڪاڻي سان پسند جو پرڻو ڪيو هو جيڪا اڄ باھ لڳڻ سبب فوت ٿي وئي، ناري جي ڀاءُ غلام نبي ملوڪائي جھول ٿاڻي تي پهچي فرياد داخل ڪرائي، سندس چوڻ ھو تھ ڀيڻ کي ڪمري ۾ بند ڪري تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد باھ ڏيئي ساڙي قتل ڪيو ويو آھي، انصاف ڪيو وڃي، هوڏانهن جھول پوليس ناري جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي.