شگر ڪريشنگ تي ڊيڊ لاڪ ختم: کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت

0
304
شگر ڪريشنگ تي ڊيڊ لاڪ ختم
شگر ڪريشنگ تي ڊيڊ لاڪ ختم: کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت

شگر مل مالڪن ۽ حڪومت وچ ۾ ڪرشنگ مامري تي جاري ڊيڊ لاڪ ختم ٿي ويو آهي
پيداوار واري وزارت جي ذريعن موجب حڪومت ۽ شگر ملز ايسوسيئيشن وچ ۾ کنڊ جي برآمد تي معاملا طئي ٿي ويا آهن
پيداوار واري وزارت جي ذريعن موجب ناڻي ۽ پيداوار واري وزارت، فوڊ سيڪيورٽي کنڊ جي ايڪسپورٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ 11 لک ٽن کنڊ جي اضافي جي انگ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ناڻي واري وزير کنڊ جي ايڪسپورٽ جي سمري سومر تي گهرائي ورتي آهي
پيداوار واري وزارت جي ذريعن موجب اڱاري تي اي سي سي جي اجلاس ۾ سمري پيش ڪئي ويندي
ٻئي طرف شگر ملز ايسوسيئيشن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت جو اهو سٺو فيصلو آهي جنهن سان هارين کي ڪمند جي قيمت ادا ڪرڻ ممڪن ٿي ويندو ۽ اميد آهي ته ايندڙ هفتي تڪرار مڪمل طور ختم ٿي ويندو
شگر ملز ايسوسئيشن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت جي خاطري تي اسان ڪريشنگ شروع ڪري ڇڏي آهي

ھي به پڙھندا

پاسما پاران کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت ملڻ تائين شگر ملز نه هلائڻ جو اعلان

ڪمند جو اگهه ۽ شگر ملز هلائڻ بابت درخواست تي سنڌ سرڪار ۽ ملز کي نوٽيس

سنڌ ۾ شگر ملز 20 نومبر کان هلائڻ جو اعلان