دنيا جو مشهور فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو هاڻي ايشيائي ملڪ جي هڪ ڪلب جو حصو بڻجڻ لاءِ تيار آهي
برطانوي ميڊيا جي رپورٽ موجب پرتگال جو اسٽار فٽبالر سعودي عرب جي ڪلب النصر سان معاهدو ڪرڻ لاءِ تيار آهي
قطر ورلڊ ڪپ کانپوءِ ڪرسٽيانو رونالڊو سعودي ڪلب ۾ شامل ٿيندو ۽ کيس هر سال 200 ملين يورو (46 ارب پاڪستاني رپيا کان وڌيڪ) ڏنا ويندا
واضح رهي ته ڪرسٽيانو رونالڊو گذريل ڏينهن انگلش فٽبال ڪلب مانچسٽر يونائيٽيڊ کي خيرآباد چئي ڇڏيو هو
هن اهو فيصلو هڪ تڪراري انٽرويو کانپوءِ ڪيو جنهن ۾ اسٽار فٽبالر انگلش ڪلب کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته منهنجي دل ۾ ڪلب جي مئنيجر جي ڪا به عزت ناهي