ڪمند جو اگهه ۽ شگر ملز هلائڻ بابت درخواست تي سنڌ سرڪار ۽ ملز کي نوٽيس

0
269
سنڌ هاءِ ڪورٽ 9 قومي تڪن

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪمند جو في مڻ اگهه مقرر ڪرڻ ۽ شگر ملون هلائڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت سنڌ سرڪار، ڪين ڪمشنر ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا آهن

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ سبب سمورا فصل تباهه ٿي چُڪا آهن، سنڌ سرڪار کي فوري طور تي ڪمندجي في مڻ اگهه مقرر ڪرڻ ۽ شگرملون هلائڻ جو حڪم ڏنو وڃي

عدالت اهڙي درخواست تي سنڌ سرڪرا، ڪين ڪمشنر، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن

ھي به پڙھندا

ڪراچي ۾ هاڻي رڳو ڪچيون آباديون ۽ ڳوٺ ٺهي رهيا آهن:سنڌ ھاءِ ڪورٽ

سڀ ڄاڻن ٿا ته ٻوڏ متاثرن جو سامان سرڪاري آفيسز مان نڪرڻ بعد ڪيڏانهن وڃي ٿو: سنڌ ھاءِ ڪورٽ