شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور ۾ ميسلز، ممپس ۽ چڪن پاڪس جا ڪيس ظاھر، ان ڏس ۾ ڊسٽرڪٽ پوليو اريڊيڪيشن ڪميشن جو اجلاس ڊي سي آفيس ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر چيو ته شڪارپور ۾ ميسلز، ممپس ۽ چڪن پاڪس جا ڪجھه ڪيس ظاھر ٿيا آھن، جڏھن ته سڄي سنڌ ۾ اھي بيماريون وبائي شڪل اختيار ڪري چڪيون آھن، هن چيو ته بيمارين کان بچاءَ لاءِ اڳواٽ تياريون ڪري قدم کڻڻا پوندا، گڏجاڻي ۾ ھيلٿ، پوليس، روينيو، لوڪل گورنمينٽ ۽ تعليم کاتي جي عملدارن شرڪت ڪئي.