ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو آهي ته منڪي پاڪس ٿڪ اڇلائڻ ۽ کنگهڻ سان پکڙي ٿو، انهي وائرس ۾ موت جي شرح نه هجڻ برابر آهي، سنڌ ۾ هن وقت تائين منڪي پاڪس جو ڪو ڪيس سامهون ناهي آيو، هڪ 7 سالن جو لياري واسي ٻالڪ اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي، خدشو آهي ته کيس منڪي پاڪس آهي، ميڊيا خوف نه پکيڙي، ڊبليو ايچ او اسان کي وائرس جو پتو لڳائڻ لاءِ  ٽيسٽنگ ڪٽس مفت ۾ ڏنيون آهن، جيڪي ڪراچي جي آغا خان اسپتال ۽ سول اسپتال ڪراچي ۾ موجود آهن، جتي مفت  ٽيسٽ ٿيندي، ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته صحت کاتي پاران مختلف بيمارين کان بچاءُ  لاءِ هڪ هفتي جي ويڪسين مهم هلائي پئي وڃي، اسان هن وقت تائين 64 سيڪڙو ٻارن کي ويڪسين ڪري چڪا آهيون، اسان چاهيون ٿا ته 90 سيڪڙو ٻارن کي ويڪسين ڪريون، هن چيو ته ويڪسين مهم تي وڌيڪ خرچ ٿئي ٿو پر اسان ماڻهن ۾ آگاهي لاءِ هي مهم هلايون پيا، گهر گهر وڃي ويڪسين ڪرڻ لاءِ ٽيمون جوڙيون آهن، هوڏانهن مختلف ملڪن مان ايئرپورٽ تي پهتل چئن مسافرن جي ڪرايل منڪي پاڪس واري ٽيسٽ ۾ کين وائرس نه هجڻ جي تصديق ٿي وئي.