لڪي مروت (م ڊ) خيبرپختونخواهه جي علائقي لڪي مروت ۾ سيڪيورٽي فورسز ٽن حملن کي ناڪام بڻائي 7 دهشتگرد ماري ڇڏيا، جڏهن ته ڪارروائي ۾ 3 اهلڪار به شهيد ٿي پيا. آءِ ايس پي آر موجب لڪي مروت ۾ سيڪيورٽي فورسز جي چوڪي ڀرسان موٽر سائيڪل سوار خود ڪش حملي آور ڌماڪو ڪيو، جنهن بعد فورسز ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ شروع ٿي وئي. نتيجي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا. ان کان سواءِ امير ڪلام ۽ تجبي خيل ۾ به ڪارروائي ۾ وڌيڪ 3 دهشتگرد مارجي ويا، جن ۾ دهشتگرد ڪمانڊر موسيٰ خان به شامل آهي. آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگردن وٽان بارود ۽ هٿيار هٿ آيا آهن. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا، جن ۾ نائيڪ صوبيدار تاج مير، حوالدار ذاڪر احمد ۽ سپاهي عابد حسين شامل آهن. آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. فورسز دهشتگردي جي هن لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.