قاهره (م ڊ) مصر ۾ ناميارو نابين قاري ۽ اسلامي اسڪالر شيخ عبدالله ڪامل آمريڪي مسجد ۾ امامت دوران لاڏاڻو ڪري ويو. پرڏيهي خابرو اداري موجب اربع جي ڏينهن 37 ورهين جو شيخ عبدالله ڪامل آمريڪي رياست نيوجرسي جي التوحيد مسجد ۾ امامت ڪري رهيو هو جنهن دوران هو لاڏاڻو ڪري ويو. عبدالله ڪامل پنهنجي سريلي آواز ۾ قرآن پاڪ جي تلاوت سبب گھڻو مشهور هو، 10 اپريل تي عبدالله ڪامل کي پٽ ڄائو هو جنهن لاءِ قاري عبداالله فيس بڪ پوسٽ شيئر ڪندي ٻڌايو هو ته خدا کيس پٽ سان نوازيو آهي جنهن جو نالو سفيان رکيو آهي.