شڪارپور (رپورٽر) آپريشن ڪيئن ڪجي؟ فيصلو نه ٿي سگھيو، نئون ايس ايس پي ۽ نئون ڊي آءِ جي، آءِ جي سنڌ سان صلاح مشوري لاءِ ڪراچي ۾ ترسيل، ڌاڙيل ڪچو ڇڏي فرار ٿي چڪا. خبر موجب مغوين جي بازيابي لاءِ پوليس ڪچي ۾ لھڻ جو اڃا تائين فيصلو نه ڪري سگھي آهي، ذريعن موجب نئون ڊي آءِ جي مظھر شيخ ۽ نئون آيل ايس ايس پي شڪارپور تنوير تنيو ڪچي ۾ وڃڻ بدران آءِ جي سنڌ سان مشوري لاءِ ڪراچي ۾ ترسيل آھن، جنھن ڪري ڳڙھي تيغو شھر جي بند تي ويٺل ڪمانڊوز ۽ پوليس اٽالا ڪچي ۾ آپريشن لاءِ ھيٺ نه وڃي سگھيا آھن، ذريعن موجب ڏوھاري ڪچو ڇڏي فرار ٿي چڪا آھن، جڏھن ته پوليس اھا دعويٰ ڪندي پئي اچي ته پوليس جي ھلندڙ آپريشن دوران ڪاميابي ملي آھي پر اها ڪاميابي اڃا تائين منظر عام تي ناهي آندو وئي، پوليس جو چوڻ آھي ته آپريشن ۾ مڪمل ڪاميابي تائين ڪچي مان پوئتي نه ھٽنداسين.