گهوٽڪي (رپورٽ :ماجد سنگهڙ) گهوٽڪي ۾ ڪچوٻنڊي ٽو واري علائقي ۾ شڪارپور جي ڪچي ۾ ڏوهارين جي خاتمي لاءِ شروع ڪيل آپريشن سبب ڪچي جا سمورا روڊ رستا سيل ڪري 10کان وڌيڪ پوليس پڪٽون قائم ڪيون ويون آهن، ڪچو ٻنڊي ٽو واري علائقي ۾ شروع ڪيل آپريشن ضلعي جي 10 کان وڌيڪ مختلف ٿاڻن جي پوليس اهلڪارن ۽ ايس ايچ اوز کي مقرر ڪيو ويو آهي، آپريشن جي اڳواڻي ايس ايچ او بي سيڪشن گهوٽڪي علي گل ملاح ڪري رهيو آهي، ٽن اي پي سي بڪتربند چين جي مدد سان ڪچي کي سيل ڪيو ويو پوليس موجب ته شڪارپور ۽ ڪنڌڪوٽ ڪشمور ضلعي جي سرحدي علائقن کي گهوٽڪي جي ڪچي واري علائقي کي سيل ڪيو ويو آهي ته جيئن ڌاڙيل گهوٽڪي جي ڪچي ۾ نه اچي سگهن ۽ ڪچي ۾ هڪ ڪيمپ به قائم ڪئي وئي آهي جتي ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس 24 ڪلاڪ اسٽينڊ باءِ هوندي ۽ ڏوهارين جي ڪيترن ئي گهرن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو آهي ڪچوٻنڊي ٽو واري علائقي ۾ شروع ڪيل آپريشن جو اي ايس پي گهوٽڪي جائزو ورتو.