حيدرآباد: احتساب عدالت ۾ پ پ ايم پي اي ڄام خان شورو ۽ ٻين جي پيشي

0
340

حيدرآباد (ن پ ا) احتساب عدالت پ پ ايم پي اي ڄام خان شورو سميت 18 جوابدارن خلاف داخل سرڪاري زمين جا کاتا پنهنجي نالي ڪرائڻ واري نيب ريفرنس جي ٻڌڻي 15 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي، پ پ ايم پي اي ڄام خان شورو سندس ڀاءُ ڪاشف شورو، ڀائٽيو ڪرن خان شورو، اڳوڻو ايڊيشنل ڊائريڪٽر پلاننگ ايڇ ڊي اي شاهد پرويز ميمڻ, روينيو آفيسر سيد ساجد حيدر, اڳوڻو اي سي شاهنواز سومرو ۽ اڳوڻن مختيارڪارن سميت 18 جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا، پ پ ايم پي اي ڄام خان شورو جو وڪيل سرمد هاني عدالت ۾ پيش نه ٿيو جنهن بابت سندس جونيئر وڪيل درخواست جمع ڪرائيندي ڄاڻايو ته بيماري سبب وڪيل پيش نه ٿيو آهي ان لاءِ ڪجه ڏينهن مهلت ڏني وڃي، عدالت وڪيل جي درخواست منظور ڪندي ريفرنس جي ٻڌڻي 15 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي، احتساب عدالت ڄاڻايل ريفرنس ۾ پ پ ايم پي اي سميت سمورن جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو هو هاڻي ڪيس شاهدين تي رکيل آهن، نيب 13 جنوري تي پ پ ايم پي اي ڄام خان شورو سميت 18 جوابدارن خلاف 20 ايڪڙ سرڪاري زمين جا کاتا پنهنجي نالي ڪرائڻ جو ريفرنس داخل ڪيو هو.