لاهور (م ڊ) عمران خان جي اسپتال مان ڊسچارج ٿيڻ کان اڳ شوڪت خانم اسپتال وضاحتي بيان جاري ڪيو هو، جنهن ۾ عمران خان کي چار گوليون لڳڻ جي دعويٰ رد ڪئي وئي هئي. شوڪت خانم اسپتال طرفان جاري ڪيل دستاويزن موجب عمران خان جي جسم ۾ گولي جا ٽوٽل چار ٽڪرا هئا، جنهن کي ڪڍڻ لاءِ آپريشن ڪيو ويو. شوڪت خانم اسپتال وضاحتي بيان ۾ ٻڌايو ته عمران خان جي جسم ۾ ٽوٽل 4 ٽڪڙا هئا، عمران خان جي کاٻي ٽنگ جي آپريشن ڪري ٽڪڙا ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته ساڄي ٽنگ مان ٽڪڙا ناهن ڪڍيا ويا. شوڪت خانم اسپتال طرفان بيان ۾ ٻڌايو ويو ته عمران خان اسپتال پهچڻ تي مڪمل هوش ۾ هو. هاڻ سندس حالت تيزي سان بهتر ٿي رهي آهي.