لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي شوڪت خانم اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو آهي. وزيرآباد فائرنگ ۾ زخمي ٿيل تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي شوڪت خانم اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو ۽ جيڪو پنهنجي لاهور زمان پارڪ واري رهائشگاهه پهچي ويو، ان حوالي سان تحريڪ انصاف چيئرمين جو پروٽوڪول ۽ سيڪيورٽي اسڪواڊ لڳايو ويو آهي.