گوجرانوالا (م ڊ) عمران خان مٿان حملي جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ بابت ڌرين ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار آهي.
پوليس ذريعن ٻڌايو آهي ته پوليس تحريڪ انصاف اڳواڻ زبير نيازي جي پهرين درخواست تي ڪيس داخل نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڌرين وچ ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار آهي. ڊيڊ لاڪ دوران ڌرين چار ڀيرا رابطو ٿيو پر پوليس موقف کان پوئتي هٽڻ جي لاءِ تيار نه آهي. ذريعن موجب پوليس جي خدشن تي درخواسگذار ڌر صلاح مشوري لاءِ ٻيهر مهلت گهري، صلاح مشوري جي لاءِ ڏنل مهلت جو مدو به ڪالهه شام ختم ٿي ويو، ذريعن موجب پوليس وڌيڪ دير جي صورت ۾ ايندڙ لائحه عمل جي به تياري شروع ڪري ڇڏي آهي. وڌيڪ دير ٿي ته ڪيس رياست جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويندو. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ليگل برانچ پنجاب پوليس قانوني ماهرين سان صلاح مشوري جو عمل به شروع ڪري ڏنو آهي. ياد رهي ته ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي معاملي تي پنجاب جي وڏي وزير ۽ عمران خان وچ ۾ اختلاف آهن. پرويز الاهي معاملي تي قانون موجب ڪارروائي چاهي ٿو. جڏهن ته عمران خان پنهنجي خواهش موجب ايف آءِ آر ڪٽرائڻ چاهي ٿو.

لاهور (م ڊ) آءِ جي پنجاب صوبائي حڪومت سان وڌيڪ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، انسپيڪٽر جنرل پنجاب وفاقي حڪومت کي خدمتون جاري نه رکڻ بابت خط لکي ڇڏيو آهي. پنجاب جي آءِ جي فيصل شاهڪار صوبائي حڪومت سان وڌيڪ ڪم جاري رکڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. وفاقي حڪومت کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته ذاتي سببن جي آڌار تي وڌيڪ هن عهدي تي ڪم نٿو ڪري سگهان، منهنجي گذارش آهي ته فوري طور تي پنجاب کان منهنجون خدمتون واپس ورتيون وڃن، منهنجون خدمتون وفاقي حڪومت جي حوالي ڪيون وڃن. آءِ جي پنجاب فيصل شاهڪار طرفان لکيل خط اسٽيبلشمينٽ جي سيڪريٽري ڏانهن اماڻيو ويو آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن پنجاب حڪومت آءِ جي فيصل شاهڪار کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. صوبائي حڪومت وفاق کي ريڪوزيشن اماڻڻ جو چيو هو. جڏهن ته تحريڪ انصاف طرفان آءِ جي پنجاب فيصل شاهڪار تي خدشن جو اطهار ڪيو ويو هو.