شهيد ناظم جوکيو جو قتل ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان سيشن ڪورٽ منتقل

0
491
ناظم جوکيو قتل ڪيس: ايم پي اي

ڪراچي: شهيد ناظم جوکيو جو قتل ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان سيشن ڪورٽ منتقل ڪيو ويو آھي، ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪيس تي ٻڌڻي جي اختيارن بابت محفوظ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آھي

 جاچ آفيسر کي ڪيس جو چالان سيشن ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي، جوابدار ڌُر سان ٺاهه بعد شهيد ناظم جي گهرڀاتين ۽ پراسيڪيوٽر ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت منتقل ڪرڻ جي مخالفت ڪئي هئي

جوابدارن جي وڪيل جو چوڻ آهي ته عدالت چالان مان ڄام عبدالڪريم ۽ ڄام اويس سوڌو 13 جوابدارن جا نالا خارج ڪرڻ واري استدعا تي فيصلو نه ٻڌايو

ھي به پڙھندا

ڪير به گڏ ناهي، اڪيلي سر وڙهان پئي، ٻچن کي مارڻ جون ڌمڪيون ملن پيون: شيرين جوکيو