ڪير به گڏ ناهي، اڪيلي سر وڙهان پئي، ٻچن کي مارڻ جون ڌمڪيون ملن پيون: شيرين جوکيو

0
708
شيرين جوکيو سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مقتول ناظم جوکيو جي بيواه شيرين جوکيو پراسيڪيوشن پاران ڪيس جو چالان اي ٽي سي ۾ پيش نه ڪرڻ تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ پھچي وئي ۽ پراسيڪيوشن خلاف درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

شيرين جوکيو پنهنجي درخواست چيو ته پراسيڪيوشن عدالتي حڪمن باوجود چالان اي ٽي سي ۾ نه پئي جمع ڪرائي، پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ کي حڪم ڏنو وڃي ته ھو بنا دير چالان اي ٽي سي ۾ جمع ڪرائي

درخواست ۾ چيو ويو ته سنڌ حڪومت کي حڪم ڏنو وڃي ته شيرين جوکيو ۽ سندن ٻارن کي سيڪيورٽي فراھم ڪئي وڃي، آئي جي سنڌ کي حڪم ڏنو وڃي ته ايم اين اي ڄام عبدالڪريم ۽ ٻين روپوش جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي

درخواست ۾ عدالت کي استدعا ڪئي وئي ته ٽرائل ڪورٽ کي ھدايت ڏني وڃي ته ناظم جوکيو ڪيس جو ٽرائل روزاني جي بنياد تي ھلايو وڃي

ناظم جوکيو جي وني شيرين جوکيو سنڌ ھاء ڪورٽ اڪيلي سر پھتي، افضل جوکيو توڙي سندس امڙ شيرين جوکيو سان گڏ نه آيا

 ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو ته ھاڻ آئون اڪيلي ڪيس پئي وڙھان، ماڻھو رڳو پئسا وٺڻ جي پويان آھن، مون کي انصاف کپي، ڀلي گولي ھڻي وڃن آئون نه ٿي ڊڄان، ڏير افضل سميت ڪير به مون سان گڏ ناهي، اڪيلي سر انصاف لاءِ وڙهي رهي آهيان

هن چيو ته منهنجي ٻچن کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، چيو پيو وڃي ته ڄام اويس گهرام جيل مان نڪرڻ کانپوءِ تنهنجا ٻچا مارائي ڇڏيندو

ھي به پڙھندا

ملير: ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل