حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي فورٽ ٿاڻي جي حد ۾ گاڏي کاتي وٽ  سوزوڪي اسٽينڊ جي جم واري گهٽي ۾ نامعلوم چور هڪ دڪان جو شٽر ٽوڙي سوا لک رپيا چورائي فرار ٿي ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته اها واردات پاڪ انٽرنشل ٽريڊرز جي دڪان ۾ ٿي آهي. صبح جو سوير چورن واردات ڪئي. دڪان جو شٽر موڙي رقم کڻي فرار ٿي ويا.