شهري گهر ٻاهران جعلي ٽريفڪ لائٽس لڳائي ڇڏيون

0
258

والٽ شائر(دلچسپ نيوز) شهري گهر ٻاهران جعلي ٽريفڪ لائٽس لڳائي ڇڏيون. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب انگلينڊ جي شهر والٽ شائر ۾ هڪ شهري حادثي کان بچاءُ لاءِ پنهنجي گهرٻاهران جعلي ٽريفڪ لائٽس لڳايون، وين ارل نالي 62 ورهين جي پيرسن جو گهر روڊ ڀرسان ٺهيل هو جنهن سبب هڪ تيز رفتار گاڏي سندس گهر جي هڪ ڀت کي ٽڪر هڻي ٽوڙي ڇڏيو هو، پيرسن ان حادثي سبب سخت متاثرٿيو ۽ ٽريفڪ لائٽس لڳايون، والٽ شائر شهر ۾ گهر اڳيان لڳل اهي لائٽس شهرين لاءِ عذاب بڻجي ويون هيون، شهرين جي شڪايت تي انتظاميا وين ارل کي قانوني ڪارروائي لاءِ عدالت آندو، عدالت وين ارل جو موقف ٻڌڻ باوجود مٿس عوامي پريشاني پکيڙڻ جي الزام هيٺ 75 هزار رپيا ڏنڊ لڳائي ڇڏيو.