دوڙ ۽ ڀرپاسي 30 ماتمي جلوس برآمد، مجلسون، عزادارن پاران ماتم

0
555

دوڙ (ن پ ا) دوڙ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ محرم الحرام جي سلسلي ۾ 30 کان وڌيڪ ماتمي جلوس برآمد، عزادارن پاران ماتم، هر طرف يا حسين جون صدائون بلند. ان سلسلي ۾ دوڙ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪربلا جي شھيدن جي ياد ۾ سيجون پينگھا ۽ علم پاڪ، ذوالجناحون سجائي ماتمي جلوس بر آمد ڪري عزادارن پاران زنجيرن ۽ گرزن سان ماتم ڪري سبيلون لڳائي نياز امام حسين تقسيم ڪرڻ ڪيو ويو. شهر سميت مختلف علائقن ۾ 30 ماتمي جلوس برآمد ڪيا ويا جن جي سيڪيورٽيلاءِ حفاظتي انتظام انتھائي سخت ڪيا ويا.

دوڙ شهر جي غريب آباد ڪالوني مان سرفراز چوھاڻ جي امام بارگاهه مان ماتمي جلوس برآمد ٿي شاهي بازار سميت مختلف روٽن کان ٿيندو مرڪزي امام بارگاهه سجاديه دوڙ ۾ اختتام پذير ٿيو، رستماڻي برادرز پاران مرڪزي امام بارگاهه سجاديه ۾ مجلس عزا جو پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو، جيڪو مختلف روٽن کان ٿيندو ٻيهر واپس مرڪزي امام بارگاهه سجاديه ۾ اختتام پذير ٿيو، مرحوم ڊاڪٽر لعل خان چوھاڻ برادرز پاران مرڪزي امام بارگاهه سجاديه دوڙ مان ماتمي جلوس بر آمد ڪيو ويو، ڳوٺ ڪريم بخش وڳڻ ۾ ميندي ڪڍي مرڪزي امام بارگاهه ۾ روز مرحلي جيان عزاداري ڪئي وئي، جڏهن ته حضرت گاڙهو پير جي درگاهه کان کوسا برادرز پاران ماتمي جلوس بر آمد ڪيو ويو، ماتمي جلوسن ۾ سنڌ جي مشهور توڙي مقامي نوحاخان انجمنن نوحاخواني ڪئي ذوالجناحون، پينگها، سيجهون، علم پاڪ سجايا ويا جڏهن ته زنجيرن گڙزن سان عزاداريون ڪيون ويون. ٻئي طرف آسپاس جي ڳوٺن عزت علي، مهر علي، حب علي، نياز حسين وڳڻ، لڌو خان واسواڻو، گيلو خان کوسو، سميت مختلف ڳوٺن ۾ روز ماتمي جلوس بر آمد ڪرڻ عزاداريون، مجلسون، سبيلون، لنگر نياز منعقد ڪيا ويا.