سوشل ميڊيا اسٽار صارم جي ميم ڪتاب جو حصو بڻجي وئي

0
253

لاهور(دلچسپ نيوز) سوشل ميڊيا اسٽار صارم جي ميم ڪتاب جو حصو بڻجي وئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب سوشل ميڊيا اسٽار صارم اختر پاڪ-آسٽريليا مئچ ۾ آصف علي جي دلچسپ ميم ٺاهي سموري دنيا ۾ شهرت ماڻي چڪو آهي، پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ 2019 جي ورلڊ ڪپ دوران کيڏيل هڪ مئچ ۾ آصف علي وهاب رياض جي بال تي ڊيوڊ وارنر جو ڪيچ ڊراپ ڪيو هو، صارم اختر فوري طورچهري تي مايوسي، پريشاني ۽ ڏک واري ڪيفيت ظاهر ڪري ميم ٺاهي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي وائرل ٿي وئي، سوشل ميڊيا صارفين بعد ۾ صارم اختر تي سندس ان ميم کان متاثر تي خوب ميمزٺاهي وائرل ڪيون جيڪي دنيا ۾ مشهور ٿي ويون. صارم اختر جي مايوسي واري ان ميم جي شهرت کي ڏسي هانگ ڪانگ جي هڪ ميوزيم جي انتطاميا پڻ ان ميم کي ميوزيم جوحصو بڻائي ڇڏيو جڏهن ته صارم اخترجي اها ميم هاڻي هڪ انگريزي ڪتاب جو پڻ حصو بڻي آهي جنهن جي تصديق ان سوشل ميڊيا ذريعي ڪئي آهي. صارم اختر جي وائرل ميم کي انگريزي لفظ جي تفصيل طور ڪتاب ۾ شايع ڪيو ويو آهي.