شھدادڪوٽ (رپورٽر ) شھدادڪوٽ جي قبرستانن تي قبضن خلاف جسقم جي سڏ تي الطاف سومرو، ذوالفقار سيلرو، ايڊووڪيٽ ابرار سومرو، ايڊووڪيٽ تنوير سومرو، آغا ڪالاڻي، حبدار ميرجت جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو. اڳواڻن چيو ته قبضا مافيا سرڪاري پلاٽن، عمارتن، ريلوي پارڪ کانپوءِ قبرن کي مسمار ڪري چوديواري ڏياري قبرستان ۾ قبرن مٿان دڪان ۽ مارڪيٽ تعمير ڪرائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن.نالين جو پاڻي قبرستان ۾ ڇوڙ ڪيو ويو آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته قبرستانن مٿان ختم ڪرايا وڃن.