ڪنڌڪوٽ (رپورٽر)ڪنڌڪوٽ ۾ مرزانپور محلا واسي نوجوان ايگريڪلچر ملازم نور محمد لاشاري ميڊيا سينٽر آڏو دانهيندي چيو ته رميش لال شجر چوڪ واري کان 2 سال اڳ 1 لک 30 هزار ورتا . 1 لک 9 هزار وٺي چڪو آهيان اڃان اڍائي لک جو حساب ڪڍي ويٺو آهي.نوجوان چيو ته گهر به مسواڙ جو آهي چيڪ بڪ به وياجي وٽ گروي آهي گذر سفر به مشڪل سان ٿي رهيو آهي هن چيو ته ٻارڙن جي تعليم ۽ هنن جي فيس لاءِ به پئسا ناهن هن چيو ته وياجي کي بااثرن جي سپورٽ آهي مان غريب ۽ بي پهچ آهيان وس وارا ادارا وياجي جي ظلم جو نوٽيس وٺي مون سان انصاف ڪيو وڃي.