ڪرمپور (ن پ ا) ڳوٺ هنبو واسي ڳوٺاڻن حافظ شبير احمد بنگلاڻي، صحبت علي، عبدالجبار احتجاج ڪندي چيو ته رضامحمد بنگلاڻي ڪم سانگي شهر آيو، پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس پئسا گهريا نه ڏيڻ تان نوجوان مٿان چرس جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ناجائزي ڪئي وئي آهي، واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.