شھدادڪوٽ/ ميروخان (نمائندن وٽان) ميروخان ۾ واهر نه ٿيڻ ۽ امدادي سامان من پسندن کي ملڻ خلاف ٻوڏ متاثرن غمدل گوپانگ ،ڌڻي بخش بروهي، معشوق گوپانگ، عارف گوپانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهر جي مک عرضي ڀٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي مظاهرين چيو ته بکون ڪاٽي رهيا آهيون پر اي سي امدادي سامان ڏيڻ لاءِ درخواستون وٺڻ کان پوءِ هڪ مهيني کان مسلسل هر روز پنڌ ڪرائي رهيو آهي پر هن وقت تائين ٽينٽ، راشن سميت ڪوبه امدادي سامان نه ناهي مليو، هنن چيو ته من پسندن کي امداد پئي ملي، نوٽيس وٺي مدد ڪئي وڃي،ٻي طرف شھدادڪوٽ ۾ ايس ٽي پي پاران ٻُوڏ متاثرين جي واهر نه ٿيڻ خلاف ضلعي صدر ڪامريڊ حيات تنيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري قمبر_شھدادڪوٽ روڊ تي ڌرڻو  هنيو، ان موقعي تي حيات تنيو، امدا سومرو فاروق چاوڙو، شاھد مستوئي، شبير احمد مگسي ۽ ٻين چيو ته ٻوڏ متاثر روڊن تي کُلي آسمان هيٺان بي يارو مددگار ويٺل آهن، کين بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن.