ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گهڻ  گهرن مطالبو ڪيو آهي ته ٻوڏ متاثرين جي علائقن مان سردي جي موسم کان اڳ پاڻي نيڪال ڪري، سوا لک کان وڌيڪ حاملا عورتن جي علاج لاءِ فوري طور انتظام ڪري، مليريا ۽ گيسٽرو سميت ٻين بيمارين جي علاج لاءِ فوري طور عملي طور صحت ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي. ڪالهه سماجي تنظيم ٿرديپ پاران سنڌ سوشل سائينٽسٽس فورم سان گڏ  ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڪوٺايل ڊائلاگ پروگرام ۾ خطاب ڪندي نامياري زرعي ماهر پروفيسر اسماعيل ڪنڀر چيو ته سنڌ ۾ فوري طور صحت ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي ٻوڏ جي ڪري سنڌ مان خريف جو فصل مڪمل ختم ٿي ويو، جون ۾ پاڻي جي کوٽ ھئي ۽ ماڻهن ٻيجارو ڇٽيو جيڪو ٻڏي ويو. 364 ارب روپين جي نقصان جو شروعاتي طور ڪاٿو لڳايو ويو آھي  انتظامي نااهلي سبب ڪڻڪ جون ٽي لک ٻوريون ضايع ٿي ويون، پاڻي نڪري ناھي سگھيو، ڪڻڪ جي پيداوار رڳو گھوٽڪي  ۽ سکر ۾ ٿوري ٿيندي باقي اڪثر ضلعن ۾ ماڻهن وٽ ٻج به ناھي رھيو. اسان وٽ نه نيڪال نظام آهي نه ئي صوبائي يا ضلعي حڪومت وٽ ڪانٽيجنسي پلان توڙي حڪمت عملي هجي ٿي. ڊاڪٽر الله نواز سمون چيو ته  ٻوڏ کانپوءِ لکين خاندان بي گھر آھن ھر ڪنهن جي مليريا جي اسڪيننگ ڪرڻ گھرجي40  لک ايڪڙ زرعي زمين مان 80 سيڪڙو زرعي زمين ٻڏي چڪي آھي ۽ ايندڙ سال 10 کان 12 ملين ٽن ڪڻڪ جي پيداوا گھٽ ٿيندي، انهي سان غذائي بحران پيدا ٿيندو، هن وقت نفسياتي بيماريون پڻ وڪوڙي رهيون آهن، ان موقعي تي پروفيسر اعجاز قريشي، بدر سومرو، اسحاق سومرو، عروسه کٽي ۽ ٻين چيو ته برسات متاثرن جي فوري طور واهر ڪري سردي کان اڳ کين پنهنجي گهرن تائين پهچايو وڃي، ٻي صورت ۾ بيمارين ۾ اڃا واڌ ايندي.