حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي نيو سبزي مارڪيٽ ۾ ڏينهن ڏٺي موٽرسائيڪل ڦر دوران اڻڄاتل ٻه ڦورو واپاري کي گولي هڻي زخمي ڪرڻ بعد سندس موٽرسائيڪل ڦري ويا آهن. زخمي واپاري کي ٻين واپارين کڻي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو. ٻڌايو پيو وڃي ته محفوظ علي جتوئي نالي واپاري گذريل ڏينهن معمول موجب واپار جي سانگي نيو سبزي مارڪيٽ پهتو ۽ هن گاڏي پارڪنگ ايريا ۾ پئي بيهاري ته مارڪيٽ ۾ گهمندڙ ٻن ڦورن کانئس موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مزاحمت تي پير ۾ گولي هڻي زخمي ڪري سندس موٽرسائيڪل ڦري ويا. واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيج وائرل ٿيا جنهن ۾ پڻ واضح نظر آيو ته ٻه ڦورو پسٽل ڪڍي واپاري کي يرغمال بڻائڻ بعد سندس گاڏي تان لهڻ جو چئي رهيا آهن ۽ انڪار تي کيس پير ۾ گولي هڻي زخمي ڪيو. واپارين جو چوڻ آهي ته هٽڙي پوليس جي لاپرواهي سبب روزانو جي بنياد تي نيو سبزي مارڪيٽ ۾ ڦرلٽ، چورين جو آزار آهي پر پوليس بدامني روڪڻ لاءِ ڪو به تحرڪ نٿي وٺي، هٽڙي پوليس جي لاپرواهي ۽ غفلت جو نوٽيس ورتو وڃي ته جيئن نيو سبزي مارڪيٽ ۾ امن بحال ٿي سگهي.