ٿاڻوبولاخان ( ن پ ا ) ٿاڻوبولاخان تعلقي  ۾ عطائي ڊاڪٽر جو ظلم غلط انجيڪشن لڳڻ ڪري نينگر  محمد اسماعيل  فوت ٿي ويو،نينگر جي فوت ٿيڻ تي سندس گهر ۾ قهرام مچي ويو ماء پي کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا، ڪوهستان جي سنڌڙي واري علائقي جي رهواسي کي عطائي ڊاڪٽر گلو مڱڻهار جي غلط انجڪشن لڳڻ جي ڪري سندس ٻانھ سڙي وئي ۽ مسڪين مائٽن حيدرآباد سول اسپتال آندو پر نينگر  تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، يوسف باريجو پنهنجي 15 سالن جي پٽ کي بخار سبب ريڪ ۾ اسپتال آندو جتي عطائي ڊاڪٽر جي غلط انجيڪشن لڳڻ ڪري نينگر جي جسم تي رئيڪشن ٿي ويو جنهن سبب نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد آندو ويو جتي نينگر تڙپي فوت ٿي ويو، نينگر جي والد يوسف باريجي،جان محمد باريجي ۽ ٻين چيو ته ڪوهستان ۾ ڊاڪٽر ناهن اسپتالون ويران آھي ڪوهستان ۾ عطائي ڊاڪٽرن پنهنجا ڍيرا ورتا آھن نينگر کي تيز بخار ٿيو جنهن سبب ريڪ ۾ موجود   عطائي ڊاڪٽر گلو منڱڻهار کي ڏيکاريوسين ته هن تيزبخار ۾ انجيڪشن هنئي ۽ نينگر کي فوري طور ريئڪشن ٿي پيو ۽ سندس ٻانھ خراب ٿي وئي عطائي ڊاڪٽر ڪلينڪ مان ڀڄي ويو اسان نينگر کي حيدرآباد آندو جتي ڊاڪٽرن چيو ته نينگر کي خطرناڪ رئيڪشن ٿيو آھي هو بعد ۾ فوت ٿي ويو آھي اسان وڏو ظلم ٿيو آھي عطائين خلاف ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ڪوهستان ۾ ڊاڪٽرن جو ٽميون موڪلي ماڻهن کي موت کان بچايو ويو،هوڏانهن نينگر جي لاش کي سول اسپتال حيدرآباد کان ڪوٽڙي ڳوٺ يوسف بلوچ آندو ويو جتان ڪفن جو بندوبست ڪري واث ميت کي اباڻي ڳوٺ ريڪ ۾ مٽئ ماء حوالي ڪيو ويو  گوٺ ۾ سوڳ وارو ماحول