گاجي کهاوڙ (ن پ ا) گاجي کهاوڙ ۾ پ پ ايم پي اي نادر خان مگسي اڳيان ٻوڏ متاثرن واهر نه ٿيڻ جي شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا، ان ڏس ۾ ٻوڏ متاثرن دانهيندي چيو ته گاجي کهاوڙ ۽ ڀرپاسي جي علائقن کي ٻوڏ جي پاڻي تباهه ڪيو آھي، هن وقت تائين اسان جي ڪابه مالڪي ناهي ٿي سگهي، بي يارو مددگار آهيون،  ان موقعي تي نادر خان مگسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  گاجي کهاوڙ جي ٻوڏ متاثرن جي جلد مالڪي ڪئي ويندي ۽ سڀني کي راشن ڏياريو ويندو،  هن چيو ته  ٻوڏ متاثرن کي اسان ڳوٺن ڏانهن منتقل ڪري رهيا آھيون، ۽ گهرن جي سروي به ڪرائينداسين، گاجي کهاوڙ ۾ پاڻي جي نيڪال لاءِ مشينون ڏيندس،هن  چيو ته مونکي وزيراعليٰ سنڌ بڻائڻ جي ڪا به خبر ناهي ۽ اهي افواهه هلايا ويا آهن، منسٽري ملڻ اسان جي وس جي ڳالهه ناهي، اهي پارٽي قيادت جا فيصلا آھن،  هن وڌيڪ چيو ته چانڊيا ڀائرن ۽ مگسي ڀائرن جو ڪو به تڪرار ناهي.ياد رهي ته ايم پي اي نادر خان مگسي پ پ سٽي صدر گاجي کهاوڙ سيد ارشاد جي دعوت تي پهتو هو.