گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ڀرسان ڳوٺ لڙهي جي رهواسي برسات متاثرن کي راشن، ٽينٽ ۽ مڇردانيون نه ملڻ ۽ سم نالي جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن اي سي ۽ مختيارڪار آفيس جو گهيراءُ ڪري ورتو، پريس ڪلب، اي سي ۽ مختيارڪار آفيسن اڳيان ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. مظاهرين منٺار علي اڄڻ، طالب اڄڻ، امام الدين، مولابخش، ياسر اڄڻ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته گذريل ٻن مهينن کان ڳوٺ لڙهي گمبٽ جي وارڊ نمبر 12 ۽ 1 ۾ سم نالي جو پاڻي بيٺل آهي، ڪيترائي گھر ڪِري پٽ ٿي ويا آهن. متاثر گمبٽ قومي شاهراهه تي جھوپڙين اندر رهڻ تي مجبور آهن. غريب حقدارن کي راشن، ٽينٽ ۽ مڇردانيون نٿيون ڏنيون وڃن، صرف من پسند ماڻهن کي سامان ڏنو پيو وڃي. مظاهرين ڪمشنر سکر ۽ ڊي سي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺ لڙهي مان گندو پاڻي نيڪال ڪرائي متاثر ڳوٺاڻن کي امدادي سامان ڏنو وڃي. سم نالي جو پاڻي نيڪال نه ڪرايو ويو ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.