همايون شريف (ن پ ا) يوسي جاڳڻ ۾ بِلندِ جي وانڍ جي رهواسين صحافي اعجاز احمد کوسو جي پٽ راجا، 2 ڀائرن سجاد ۽ جواد کوسو احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيندي الزام هنيو ته  استادُ اسان کان سرڪاري ڪتابن جي 100 رپيا فيس گُهري، جيڪا ڳالهه اسان اچي گهر ڪئي ۽ والدين کان پئسا گهريا، اسان جي ڀاءُ صحافي اعجاز کوسو ماستر کي سرڪاري ڪتابن جي فيس ڏيڻ کان روڪيو ۽ استاد خلاف فيسبڪ تي اسٽيٽس لڳايو،  جنهن تان استاد ڪاوڙجي اسان ٽنهي شاگردن کي اسڪول مان ڪڍي ڇڏيو آهي، هنن مطالبو ڪيوته نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.