شھدادپور (اسپورٽس نيوز) شھدادپور ۾ ٽي ٽوئنٽي ٽونارمنٽ ۾ جئيمخانه شھدادپور سنسني خيز مقابلي بعد عون علي اڏيرو لعل کي ٻن وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ عبدالسلام ٿهيم اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ جاري ٽورنامنٽ جي ڇهين ميچ ۾ عون علي اڏيرولعل پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اورز ۾ 152 رنز ٺاهيون. جئمخانه شهدادپور طرفان وسيم 3 وڪيٽون ورتيون. هدف جو پيڇو ڪندي جئمخانه شھدادپور جا رانديگر پريشاني جو شڪار رهيا ۽ پويلين موٽندا رهيا بعد ۾ عرفان آرائين ۽ عطاءُ الله شيخ جارحانه بيٽنگ ڪندي آخري اوور ۾ هدف پورو ڪري ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. عرفان آرائين 38 ۽ عطاءُ الله شيخ 41 رنسن سان نمايان رهيا.اڄ الرحمان سانگهڙ ۽ سٽيزن شھدادپور جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون.