لاهور(اسپورٽس نيوز) اسلام آباد سان تعلق رکندڙ فاسٽ بالر دل جي دوري سبب فوت ٿي ويو. ڪرڪيٽ تجزيي ڪار فرحان نثار سماجي رابطي جي سائٽ ٽوئٽر تي آگاهه ڪندي ٻڌايو ته اسلام آباد سان تعلق رکندڙ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽر دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو. هن ٻڌايو ته 36 سالن جو بالر شهزاد اعظم 95 فرسٽ ڪلاس ميچز ۾ 388 وڪيٽون حاصل ڪري چڪو، ڪجهه ڏينهن اڳ لاهور سان تعلق رکندڙ فاسٽ بالر عثمان شنواري ميدان ۾ دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو هو، هن کي فوري طور تي اسپتال نيو ويو هو پر اهو صحتياب نه ٿي سگهيو. ڪرڪيٽرن جي اوچتو موت تي ڪرڪيٽ حلقن گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو هو.