لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حارث رئوف ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪ-ڀارت ميچ جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن مان پنهنجو بيسٽ ڏيان ته ڀارتي بيٽرز مونکي آسانيءَ سان نه کيڏي سگهندا. حارث رئوف چيو ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪ-ڀارت مقابلي لاءِ ڪافي خوش آهيان ڇو ته اها ميچ ميلبورن ۾ کيڏي ويندي. هن چيو ته ميلبورن منهنجو هوم گرائونڊ آهي ڇوته بگ بيش ۾ ميلبورن اسٽار جي نمائندگي ڪندو آهيان، مونکي اتان جي ڪنڊيشنز جو اندازو آهي. حارث رئوف چيو ته مان هاڻي کان ڀارت خلاف بالنگ جي منصوبابندي ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته پاڪ-ڀارت ميچون هميشه هاءِ پريشر هونديون آهن، گزريل سال ٿيندڙ ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت خلاف ميچ ۾ ڪافي دٻاءَ ۾ هيس پر ايشيا ڪپ ۾ ٻن ميچزن ۾ مون مٿان ڪوبه پريشر نه هو ڇوته مونکي خبر هئي ته مونکي پنهنجو بيسٽ ڏيڻو آهي.