شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ڀرسان مقصودو رند واري علائقي درگاھ سلطان فقير وٽ 8 ورهين جي نينگري کي زيادتي جو نشانو بڻائڻ واري ڪيس جو چالان عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ڪيس جي جاچ آفيسر انسپيڪٽر ڪوثر مختيار جاچ مڪمل ڪرڻ بعد زيادتي ڪيس جو چالان فرسٽ سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ شفيق احمد کرل جي عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو، پوليس چالان ۾ موقف اختيار ڪيو ته جوابدار نيوو ڪولهي 8 ورهين جي نينگري ماروي ڀيل کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو آهي، جوابدار ڏوھ جو اعتراف به ڪيو آهي، اعترافي بيان قانون موجب يو ايس بي ۾ محفوظ ڪيل آهي، چالان ۾ ڄاڻايو ويو ته نينگري جي جسم تي ڌڪ جا واضح نشان موجود آهن ۽ ميڊيڪل آفيسر پڻ زيادتي جي تصديق ڪئي آهي، جاچ آفيسر عدالت کي استدعا ڪئي ته جوابدار کي قانون موجب سخت سزا ڏني وڃي، عدالت اهڙو چالان قبول ڪندي ڪيس ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سانگهڙ ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي. ياد هجي ته 2 هفتا اڳ جوابدار نيوو ڪولهي نينگري کي حوس جو نشانو بڻايو، پوليس نينگري جي ڏاڏي نيڄل ڀيل جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ڊسٽرڪٽ جيل سانگهڙ حوالي ڪيو.