ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀرياسٽي ۾ مارجي ويل سمير ڪلھوڙو جي قتل ڪيس ۾ گھربل ۽ وليس تحويل مان فرار ٿيل جوابدار پوليس کي ھٿ نه آيو، ان حوالي سان مقتول جي وارثن بھار ڪلھوڙي ۽ ٻين ٻڌايو ته 3 ڏينھن اڳ ڪيس داخل ڪرايو آهي، پر پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام آهي، هنن چيو ته اسان غريب آهيون ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.