ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي ۾ پاڻي بحران وارو معاملو عدالت تائين پهچي ويو ، عدالت داخل پٽيشن تي ضلعي انتظاميا۽ پبلڪ هيلٿ کاتي سميت ميونسپل ڪاميٽي ٺٽو ۽ ٽائون ڪاميٽي مڪلي جي انتظاميا کي نوٽيس جاري ڪرڻ جو حڪم جاري ڪندي 18 مئي تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ٺٽو شهر ۽ مڪلي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي پيدا ٿيل سنگين بحران خلاف ٺٽو ڊسٽرڪٽ بار جي اڳوڻي صدر سينيئر وڪيل پنهون عقيلي پاران ڊي سي ٺٽو ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي سميت لاڳاپيل اختيارين کي ڌُر بڻائيندي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي موقف اختيار ڪندي ڄاڻايو آهي ته ٺٽي شهر ۽ مڪلي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي پيدا ٿيل سنگين بحران جي ذميوار لاڳاپيل انتظاميا آهي. هن پنهنجي موقف ۾ اهو به چيو آهي ته واٽر سپلاءِ جون ناڪارا لائينون وڇايل آهن ۽ بدانتظامي سبب شهري پيئڻ جو پاڻي پئسن تي خريد ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن. عدالت سڳوري ضلعي عملدارن، پبلڪ هيلٿ کاتي سميت ميونسپل ڪاميٽي ٺٽو ، ٽائون ڪاميٽي مڪلي جي عملدارن کي نوٽيس جاري ڪرڻ جو حڪم ڏيندي 18 مئي تي عدالت ۾ طلب ڪري ورتو آهي. ساڳئي وقت متاثر ٻنهي شهرن ٺٽو ۽ مڪلي ۾ پاڻي جي رسد کي بحال ڪري پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو پڻ حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.