جيڪب آباد (رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ڪاروبار کولڻ جي اعلان بعد ڊي سي ۽ ايس ايس پي آمھون سامهون ٿي ويا، ي سي جي حڪم تي کليل ڪاروبار ايس ايس پي اڌ ڪلاڪ ۾ بند ڪرائي ڇڏيو، ڪاروبار بند ڪرائڻ تان دڪاندارن جو احتجاج، عيد خريداري لاءِ آيل ماڻهو مايوس ٿي واپس موٽي ويا. خبر موجب سنڌ حڪومت پاران جمعي ڏينهن ڪاروبار کولڻ جي حڪم بعد پوليس ان جي ابتڙ ڪري ڇڏيو، سنڌ حڪومت جي حڪم تي ڊي سي پاران شھر کولڻ جي اجازت ڏني وئي پر پوليس کليل دڪان زبردستي بند ڪرائي ڇڏيا، ذريعن موجب ته ڊي سي پاران شھر کولڻ جو حڪم وائرليس تي ھلايو ويو ته ڪاروباري ماڻھن کي تنگ نه ڪيو وڃي، پر اڌ ڪلاڪ جي اندر وري ايس ايس پي شمائل رياض ملڪ جي حڪم بعد وائرليس تي ميسج ھلايو ويو ته شھر جو ڪاروبار بند ڪرايو وڃي، ايس ايس پي جي حڪم بعد شھر ۾ پوليس ڪاهي پئي ۽ کليل بازارون زبردستي بند ڪرائي ڇڏيون، جنهن دوران پوليس ۽ دڪاندارن ۾ منھن ماري به پڻ ٿي، دڪاندارن احتجاج ڪندي دانھيو ته صوبائي وزير اطلاعات ناصر شاهه ڪاروبار کولڻ جو اعلان ڪيو ھو جنھن بعد ڪاروبار کوليو ويو پر پوليس زبردستي بند ڪرائي ڇڏيو، جيڪا سراسر زيادتي آهي ھو. ڏانھن شھر جو ڪاروبار بند ڪرائڻ کان پوءِ عيد خريداري لاءِ ايندڙ ماڻھن مشڪلاتن کي منهن ڏنو ۽ اهي واپس موٽي ويا.