شھدادپور(ن پ ا) شھدادپور جي سِمس اسپتال جي گيٽ آڏو چنگچي رڪشا ۾ ڳورهاري عورت پاران ٻار کي جنم ڏيڻ واريون تصويرون سوشل تي وائرل ٿي ويون، اسپتال انتظاميه پاران نوٽيس، معاملي جي جاچ شروع. ان حوالي سان شھدادپور انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائينسز اسپتال جي مُک دروازي آڏو چنگچي رڪشا کي پوتين ۽ ڪپڙن سان ڍڪي ڳورهاري عورت کي مبينا طور ٻار ڄڻايو ويو. عورت پاران چنگچي رڪشا ۾ ٻار جنم ڏيڻ واريون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن. سوشل ميڊيا واهپيدارن پاران وائرل ٿيل تصويرن ۾ عورت کي ڳوٺ عيسن چانڊيو جي رهواسڻ راشد چانڊيو جي گهر واري طور ڄاڻايو ويو آهي. جڏهن ته عورت جي وارثن پاران ڪو به وڊيو بيان سامهون ناهي اچي سگهيو. تصويرون وائرل ٿيڻ بعد اسپتال انتظاميه تي ڇتي تنقيد ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان واهپيدارن جو چوڻ آهي ته اسپتال انتظاميه عورت کي ويم ڪرائڻ کان انڪار ڪري واپس ڪري ڇڏيو ۽ عورت چنگچي رڪشا ۾ ٻار کي جنم ڏنو. ٻار ڄڻڻ واريون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ جو اسپتال انتظاميه نوٽيس وٺندي واقعي جي جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان سِمس اسپتال جي وقتي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ظفرالله سولنگي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سوشل ميڊيا تي هلندڙ تصويرن بابت پنهنجي عملي کي جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وقتي ڊائريڪٽر موجب اهڙي ڪا به ڳورهاري عورت اسپتال ناهي پهتي جنهن کي علاج کان انڪار ڪيو هجي. ڪجهه عنصر اسپتال کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جن کي وائکو ڪيو ويندو. ڊائريڪٽر موجب ٿي سگهي ٿو ته ڳورهاري عورت ليبر روم تائين پهچڻ کان اڳ ئي چنگچي رڪشا ۾ ٻار کي جنم ڏنو آهي. اسپتال انتظاميه موجب جاچ بعد حقيقتون سامهون آڻينداسين ڏوھي کي سزا ڏني ويندي.