ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي ۾ 5 هٿياربندن جو گھر تي حملو، گمبٽ واسڻ عورت مٿي ۽ سيني ۾ گوليون هڻي بيدردي سان قتل، پوليس مقتوله جي مڙس کي به جاچ ۾ امل ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ اورنگي ٽائون جي بلوچ ڳوٺ ۾ آچر ۽ سومر جي وچ واري رات جو 5 هٿياربندن گمبٽ واسي دلدار ڪلهوڙو جي گھر تي حملو ڪيو، هٿياربند دلدار جي گھرواري عطيه ڪلهوڙو کي مٿي ۽ سيني ۾ گوليون هڻي قتل ڪري آساني سان فرار ٿي ويا، پوليس موجب مقتوله جي مڙس دلدار پوليس کي بيان ڏيندي ٻڌايو ته آئون واش روم ۾ هئس، پويان حملو ٿيو، فائرنگ جي آواز تي ٻاهر نڪتس ته 5 هٿياربند گھر ۾ موجود هئا، جن مان 4 هٿياربندن کي سڃاڻي ورتو آهي، گمبٽ ۾ اسان جي زمين تي تڪرار هلندڙ آهي، مخالفن حملو ڪيو، مون هٿياربندن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهي مون کي ڌڪو ڏئي فرار ٿي ويا. پوليس موجب واقعي جي گھڻ رخي جاچ ڪئي پئي وڃي، مقتوله جو مڙس ڪيس داخل ڪرائڻ پي چاهيو پر فوري طور ڪيس داخل ڪرڻ بدران مقتوله جي ڀاءَ سان رابطو ڪيو آهي،. پوليس موجب مقتوله جي مڙس کي به في الحال جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، لاش پوسٽ مارٽم بعد سرد خاني منتقل ڪيو ويو، جيڪو مقتوله جي ڀاءَ جي حوالي ڪيو ويندو. پوليس موجب مقتوله جو مڙس دلدار انشورنس ڪمپني ۾ ڪم ڪندو آهي، عيد رات ٻئي زال مڙس هن گھر ۾ شفٽ ٿيا هئا. پوليس موجب واقعي واري جاءِ تان گولين جا خول پڻ هٿ ڪيا ويا آهن، مقتوله جي ڀاءَ کان به تفصيل معلوم ڪيا ويندا، جنهن بعد ايف آءِ ار داخل ڪئي ويندي،