ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪشمور واقعي ۾ استعمال ٿيل هٿيار لوچستان کان آندا ويا هئا، جنهن جي تحقيقات جاري آهي. واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو. ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ارسا جو ترجمان چئي رهيو هو ته اسان پاڻي جي فراهمي وڌائي آهي، پاڻي ۾ اها واڌ بلاول ڀٽو زرداري جي بيان کانپوءِ ٿي آهي، هن چيو ته سنڌ حڪومت سنڌ جو پاڻي ڪيس وڙهيو، جنهن بعد پاڻي فراهمي ۾ ۾ اضافو ٿيو. هن چيو ته اسان چين جا ٿورائتا آهيون، جنهن سائنو فارم ويڪسين ڏني، اسان انهي جي ٻئي ڊوز لاءِ پهرين ڊوز تي پابندي لڳائي آهي، عوام سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن تي ڌيان نه ڏين.