شهباز ڪابينا جو انگ 61 ٿي ويو، وزير وڌيڪ ۽ وزارتون گهٽ آهن

0
259
شهباز ڪابينا جو انگ 61 ٿي

اسلام آباد: حڪمران اتحاد جي سمورين پارٽيز کي ايڊجيسٽ ڪرڻ جي دٻاءُ ۾ وزير اعظم شهباز شريف جي ڪابينا جو انگ وڌي 61 تائين پهتو آهي، وفاقي وزير وڌيڪ هُجڻ جي ڪري وزارتون کُٽي پيون آهن

عمران خان بطور وزير اعظم 52 رڪني ڪابينا ڇڏي هئي، شهباز شريف اعلان ڪيو هو ته پئسا بچائڻ لاءِ ڪابينا ۾ وڌيڪ واڌ نه ڪئي ويندي، پر شهباز پنهنجي اعلان تي عمل نه ڪيو ۽ ڪابينا ۾ واڌ جو سلسلو جاري رهيو

عمران خان جي 52 رڪني ڪابينا جي ڀيٽ ۾ شهباز ڪابينا جو انگ 61 ٿي ويو آهي، هاڻي صورتحال اهڙي ٿي وئي آهي جو اتحادي پارٽيز جي وزارتن جي ڊمانڊ کي ڏسي حڪومت وٽ وفاقي وزارتون ختم ٿي ويون آهن

هن وقت وفاقي وزير 34 ۽ وفاقي وزارتن جو انگ 33 آهي، جڏهن ته جاويد اقبال ڪيترن ئي مهينن کان بنا ڪنهن قلمندا جي وفاقي وزير آهي، وزارت نه هجڻ جي ڪري چوڌري سالڪ حسين کي وزارت يا ڊويزن ناهي ڏني وئي، جڏهن کيس رڳو سيڙپڪاري بورڊ جو قلمدان مليل آهي

ھي به پڙھندا

آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪرڻ لاءِ مني بجيٽ ذريعي عوام کان 18 ارب رپيا اوڳاڙڻ جو فيصلو