سمنڊ ڪراچي کان 8 فُٽ مٿي آهي، شهري پريشان نه ٿين، عبدالله شاهه غازي کين ويٺو آهي: آغا سراج دراني

0
520
سمنڊ ڪراچي کان 8 فُٽ مٿي آهي، شهري پريشان نه ٿين، عبدالله شاهه غازي کين ويٺو آهي: آغا سراج دراني
سمنڊ ڪراچي کان 8 فُٽ مٿي آهي، شهري پريشان نه ٿين، عبدالله شاهه غازي کين ويٺو آهي: آغا سراج دراني

لاڙڪاڻو: وقتي گورنر ۽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته ڪراچي مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ جو مسئلو اِن ڪري پيش اچي رهيو آهي ڇو جو سمنڊ شهر کان تقريبن 8 فٽ مٿي آهي

لاڙڪاڻي ۾ شهيد ميجر سعيد تنيو جي وارثن سان تعزيت بعد آغا سراج دراني چيو ته ڪراچي واسين کي پريشان نه ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته حضرت عبدالله شاهه غازي موجود آهي، اُهو شهر کي بچائيندو آهي

آغا سراج دراني ڪراچي مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جو ذميوار حڪومت ۽ انتظاميا کي قرار ڏيڻ بدران سڄو ملبو سمنڊ تي اڇلي ڇڏيو آهي

هن چيو ته بلوچستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي فوج ۽ حڪومت مدد ڪري رهي آهي، برسات جي ڪا خبر نٿي پوي ته ڪيترا فٽ وسندي، اِهو قدرتي سلسلو آهي، اُن ۾ ماڻهو ڪجهه به نٿو ڪري سگهي