اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو کاتي مسلم ليگ (نواز) جي صدر شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، شهباز شريف کي پرڏيهه وڃڻ جِي اجازت ڏيڻ وارو لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج، نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ وارو حڪم ڪالعدم قرارڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي ڪالهه گهرو کاتي جي وفاقي وزير شيخ رشيد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته نواز شريف ته اڳواٽ ئي ملڪ کان فرار ٿيل آهي، شهباز شريف خلاف نيب جي درخواست هئي جيڪا ڪابينا ڪاميٽي ۾ آئي، قانون واري وزارت ۽ گهرو کاتي واري وزارت ان کي ڪابينا ڏانهن اماڻيو، ڪابينا شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ واري درخواست کي منظور ڪري اسان کي آگاهي ڏئي ڇڏي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به گهرو کاتي جاري ڪيو آهي، هن چيو ته جيڪڏهن شهباز شريف کي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت ملي وئي ته هو ثبوتن کي مٽائي به سگهي ٿو يا سلطاني گواهن تي اثر انداز به ٿي سگهيو پئي، شهباز شريف تي 7 ارب رپين جي اثاثن جو ڪيس آهي، ان کي پنهنجي ڀاءُ نواز شريف جيان واپس آڻڻ مشڪل ٿي ويندو، سندس ئي خاندان جا 5 ڄڻا پهريان ئي مفرور بڻجي لنڊن ۾ رهائش اختيار ڪري چڪا آهن، هن چيو ته ان ڪيس ۾ ڪل 14 ملزم آهن جنهن مان 4 ڄڻا سلطاني گواهه آهن، جڏهن ته شهباز شريف پاڻ نواز شريف جو ضمانتي آهي، نواز شريف کي واپس آڻڻ بجاءِ سحري کائڻ کان اڳ ئي ملڪ مان ٻاهر وڃڻ جي ڪري رهيو هو، هن ڪيس جي سمورن ملزمن جو نالو اي سي ايل ۾ شامل آهي اها قانون جي تقاضا آهي ته سڀني سان هڪ جهڙو ورتاءُ ڪيو وڃي، 14 ڄڻن جو نالو اي سي ايل ۾ هجي ۽ هڪڙو ملزم مفرور ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو اهو هڪ جهڙو سلوڪ نه ٿئي ها، هن جو پنهنجي ڀاءُ جيان ميڊيڪل بورڊ نه جڙيو هو، اهو به نه ڏٺو ويو ته سندس علاج هتي ممڪن آهي يا نه، ٽرائل ڪورٽ ۾ به ڪا درخواست نه ڏني وئي، ان حوالي سان ڪو به ميڊيڪل دستاويز نه هو،حڪومت وٽ ڪو به ميڊيڪل دستاويز جمع نه ڪرايو ويو، هن چيو ته هي دنيا جو واحد ملڪ آهي جتي هڪ ڏينهن پهريان ڪيس لڳو ۽ پوءِ فيصلو آيو ساڳئي ٽڪيٽ به بوڪ ٿي وئي، جڏهن ته شهباز شريف کي قطر ۾ 15 ڏينهن جو قرنطينه ڪرڻو هو، سڌو لنڊن نه وڃڻو هو، هن چيو ته مون وٽ اهڙو ڪو به اطلاع نه آهي ته شهباز شريف ڊيل ذريعي ٻاهر آيو يا ڊيل ذريعي ٻاهر پيو وڃي يا سندن بيانيي ۾ ڪا تبديلي آئي آهي، هن چيو ته گوجرانوالا جي جلسي يا پنجاب جي ٻين جلسن ۾ گاريون ڏنيون پئي ويون هينئر به محمد زبير چيو آهي ته اسان جا تعلقات ٺيڪ ٿي ويا آهن، جيڪڏهن هنن جا تعلقات ٺيڪ ٿي ويا آهن ته اسان کي خوشي آهي، هن چيو ته شهباز شريف 15 ڏينهن ۾ نظرثاني درخواست ڪري سگهي ٿو، اهو شهباز شريف تي آهي ته درخواست ڏئي ٿو يا نه، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته جڏهن نواز شريف ئي ملڪ واپس نه آيو ته شهباز شريف ڪٿان ايندو؟ هن چيو ته عدالت جي فيصلي تي تبصرو ڪري نه ٿو سگهان، عدالت عدالت آهي، هن چيو ته نواز شريف جي واپسي جي باري ۾ اسان بيوس ناهيون، ڪوششون جاري آهن، نتيجو ناهي نڪتو، برطانيا جو سفير به مون وٽ آيو هو، حڪومت چوي ٿي ته نواز شريف کي برطانيا پنهنجي ملڪ مان بيدخل ڪري ڇڏي، پر برطانيا وارن جو چوڻ آهي ته توهان ايڪسٽريڊيشن جو ڪيس داخل ڪيو، هن چيو ته عمران خان موڪل جي ڏينهن ۾ به ڪم ڪري رهيو هو، عمران خان ڪامياب ٿيندو، عمران خان مخالف ڌر جي وس جي ڳالهه ناهي، مخالف ڌر وارا ڀلي عيد کان پوءِ جيڪو وڻي ڪن، ڪو به ڪنهن سان دوکو نه پيو ڪري، آرمي چيف واضح چئي چڪو آهي ته فوج جمهوري حڪومت سان گڏ بيٺل آهي، هن چيو ته هي دنيا جو واحد ملڪ آهي جتي اقتدار کي انجواءِ ڪرڻ لاءِ هر ڪو پاڪستان ۾ رهڻ چاهي ٿو، مخالف ڌر ۾ اچڻ کان پوءِ لنڊن ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني وڃي ٿي، لنڊن ڀڄڻ نه گهرجي، هن چيو ته روس ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ زبردستي ملڪ واپس موٽي آيو، جيڪو اڳواڻ هوندو آهي اهو پنهنجي ملڪ ۾ هر حال ۾ جيئڻ مرڻ چاهيندو آهي. شيخ رشيد چيو ته نيب جي سفارش تي وفاقي ڪابينا جي منظوري کان پوءِ شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪري، سڀني سامونڊي ۽ هوائي ادارن کي آگاهه ڪيو ويو آهي، هي 7 ارب رپين جي اثاثن جو مامرو آهي. هوڏانهن وفاقي حڪومت شهباز شريف جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ واري لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيو آهي، گهرو وزارت ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل اپيل ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري شهباز شريف جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ واري حڪم کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جو حڪم قانون جي نظر ۾ برقرار نه ٿو رکي سگهجي ڇو ته لاهور هاءِ ڪورٽ لاڳاپيل اختيارين کان نه جواب نه گهريو نه ئي رپورٽ طلب ڪئي، ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي اجازت ڏيڻ وارو فيصلو هڪ طرفو نه ٿو ڏئي سگهجي، شهباز شريف جي واپس اچڻ جي ڪا گارنٽي ناهي، شهباز شريف نواز شريف کي واپس آڻڻ جي گارنٽي ڏني هئي، جڏهن ته شهباز شريف جي گهرواري، پٽ، ڌيءَ ۽ نياڻو اڳ ئي ٻاهرين ملڪ فرار ٿيل آهن، ياد رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ 7 مئي تي شهباز شريف جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ جو حڪم ڏنو هو.

لاهور (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ۽ نواز ليگ اڳواڻ شهباز شريف پرڏيهه ملڪ وڃڻ جي اجازت نه يڻ تي لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو، شهباز شريف پاران درخواستن ۾ چيو ويو آهي ته عدالتي حڪم باوجود پرڏيهه وڃڻ نه ڏنو ويو، حڪومت جو اهڙو عمل توهين عدالت جي زمري ۾ اچي ٿو، شهباز شريف جي وڪيلن پاران ٻه درخواستون داخل ڪيون ويون آهن جيڪي توهين عدالت ۽ 7 مئي جي فيصلي تي عملدرآمد نه ڪرڻ خلاف داخل ڪئي وئي جڏهن ته درخواست ۾ 6 سرڪاري آفيسرن، گهرو سيڪريٽري، ڊي جي ايف آءِ اي ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته رياستي ادارن کي سياسي مخالفن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي بعد شهباز شريف 8 مئي تي علامه اقبال ايئرپورٽ تي پهتو پر ايئرپورٽ تي سفر کان روڪيو ويو، درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو ته آفيسرن لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي عمل نه ڪيو، نامزد آفيسرن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪري سزائون ڏنيون وڃن. واضح رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ شهباز شريف جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ جو حڪم ڏيندي کيس پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني هئي. پر کيس ايئرپورٽ تي روڪيو ويو هو.