اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب چيئرمين روالپنڊي ۾ رنگ روڊ اسڪينڊل جو نوٽيس ورتو، نيب راولپنڊي کي منصوبي ۾ مبينا ڪرپشن جِي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته وزيراعظم جي معاون ذلفي بخاري اسڪينڊل ۾ نالو سامهون چڻ تي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي. نيب ترجمان موجب نيب چيئرمين رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال راولپنڊي ۾ تعمير لاءِ سفارش ڪيل رنگ روڊ منصوبي ۾ مبينا ڪرپشن واري مامري تي نوٽيس ورتو آهي، نيب ترجمان مطابق چيئرمين نيب نيب راولپنڊي بيورو کي رنگ روڊ مبينا ڪرپشن ڪيس ۾ جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ۽ نيب پنڊي بيورو کي هدايت ڪئي آهي ته بغير ڪنهن خوف، دٻاءَ ۽ فرق جي قانون مطابق جاچ مڪمل ڪري رپورٽ جمع ڪرائي وڃي، جاچ دوران رنگ روڊ منصوبي جي سمورن رخن جو جائزو وٺي ذميوارن جي نشاندهي ڪئي وڃي ته جيئن انهن کي قانون مطابق سزا ڏياري سگهجي. جڏهن ته وفاقي وزير غلام سرور خان رنگ روڊ اسڪينڊل ۾ ملوث هجڻ جِي ترديد ڪندي چيو آهي ته منصوبي ۾ ڪابه زمين ناهي، هڪ انچ به زمين ثابت ٿئي ته سياست ڇڏي ڏيندس، حڪومت رنگ روڊ منصوبي تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي. هوڏانهن اوورسيز پاڪستانين بابت وزيراعظم عمران خان جي خصوصي معاون ذلفي بخاري رنگ روڊ اسڪينڊل سبب عهدي تان استيفا ڏئي ڇڏي، هن ڪرپشن الزامن جي ترديد ڪندي چيو ته جڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي، ذلفي بخاري چيو ته رنگ روڊ منصوبي سان منهنجو ڪو به واسطو ناهي، ڪنهن به انڪوائري کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، شفاف جاچ لاءِ سهڪار ڪندس، جيستائين نالو ڪليئر نٿو ٿئي، عهدو ڇڏي رهيو آهيان، هن چيو ته انڪوائري ڪنهن اهل شخصيت کان ڪرائي وڃي آئون ان حوالي سان جڊيشل انڪوائري جي حمايت ڪريان ٿو.