بيوٽي پارلرز، شادي هالز، سنيمائون، مزارون ۽ پارڪس بند: سنڌ حڪومت جو نئون حڪم

0
607

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت طرفان بيوٽي پارلرز، شادي هالز، سنيمائون، مزارون ۽ پارڪس31 مئي تائين بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سنڌ سرڪار طرفان ڪورونا ايس او پيز جي حوالي سان نئون حڪم نامو جاري ڪيو ويو جنهن تحت ريسٽورنٽس رات 12هين وڳي تائين کليل رهندا، هوٽل اندر ويهي کاڌو کائڻ تي پابندي لاڳو، ٽيڪ اوي جي سهولت کليل رهندي جڏهن ته راندين جو سرگرمين تي پابندي برقرار رهندي، نوٽيفڪيشن موجب سرڪاري آفيسز جو وقت معمول موجب هوندو ۽ ڪاروبار صبح 6 کان رات 8 وڳي تائين کليل هوندو جڏهن ته صوبي ۾ ڇنڇر ۽ آچر تي ڪاروبار بند رهندو، آفيسن ۾ ملازمن جي حاضري 20 سيڪڙو کان وڌائي 50 سيڪڙو ڪئي وئي آهي، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته هوٽلز ۽ ريسٽورنٽس جي لاءِ رات 12 وڳي تائين ڪاروبار جي اجازت هوندي جڏهن ته ڊائن ان ٽيبل سروس تي به پابندي برقرر رهندي.