ملتان (م ڊ) ملتان ۾ نواز ليگ اڳواڻ جاويد هاشمي جي گهر تي چڙهائي ڪئي وئي، ان سلسلي ۾ جاويد هاشمي نهنجي وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته پوليس جون وڏي انگ ۾ گاڏيون آهن جن اسان جي گهرن جو گهيرو ڪيو آهي، جيڪي گهرن کي ڊاهي رهيا آهن، آئون پنهنجي گرفتاري پيش ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان. جڏهن ته ڪارروائي ۾ جاويد هاشمي جي ناٺي جو شادي هال ڊاهيو ويو، سندس نياڻي جو اسڪول به ڊاهيو ويو. ذريعن موجب جاويد هاشمي جي پنهنجي اباڻي زمين تي اڏاوت مبينا طور تي نقشو منظور نه هجڻ ڪري غيرقانوني قرار ڏئي ڊاهي وئي.